اڳوڻو ڪرڪيٽر تميم اقبال بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون صدر مقرر

اڳوڻو ڪرڪيٽر تميم اقبال بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون صدر مقرر

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي حڪومت اڳوڻي ڪرڪيٽر تميم اقبال کي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ بي سي بي جو نئون صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت اڱاري ڏينهن امين الاسلام جي قيادت ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي ختم ڪرڻ کانپوءِ تميم اقبال جي مقرريءَ جو اعلان ڪيو. اهو فيصلو 5 رڪني جاچ ڪميٽي جي سفارشن کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿيل چونڊن بابت الزامن جي جاچ ڪئي هئي. 37 سالن جو تميم اقبال بي سي بي جو سڀ کان گهٽ عمر صدر آهي. هو 11 رڪني ايڊهاڪ ڪميٽي جي قيادت ڪندو، جنهن ۾ منهاج الاسلام عابدين ۽ اٿر علي خان پڻ شامل آهن.