راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه پنهنجي گهر ۾ ڪيو پيو، کيس اسپتال داخل ڪيو ويو، خانگي ٽي وي جي رپورٽس موجب قمر جاويد باجوه کي مٿي ۾ ڌڪ لڳا، جيڪو آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهي،
اسسٽنٽ مختيارڪار واڌو آهن: روينيو ڪواليفائنگ امتحان ملتوي
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) روينيو اختيارين جي سفارش تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران روينيو ڪواليفائنگ امتحان ملتوي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 16 فيبروري تي رٿيل روينيو ڪواليفائنگ امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان روينيو کاتي جي اختيارين 2 ڏينهن اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين کي خط لکي سفارش ڪئي هئي ته اسسٽنٽ مختيارڪار وڌيڪ هجڻ سبب 16 فيبروري تي رٿيل امتحان ملتوي ڪيا وڃن، جنهن بعد امتحان ملتوي ڪرڻ جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو.
سنڌ حڪومت پاران نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ آڻڻ جون تياريون
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ آڻڻ جون تياريون، ان حوالي سان نوجوانن جي معاملن بابت وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير صوبائي سيڪريٽري کي يوٿ ڪارڊ جو طريقيڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سنڌ يوٿ ڪارڊ لاءِ اهڙو طريقيڪار بڻايو وڃي جنهن سان صوبي جي نوجوانن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي، يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار، اسڪالرشپس ۽ راندين جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.