ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان فرانس ۾ مبينا طور بدتميزي جو واقعو پيش آيو آهي، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي ڄاڻائي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو هڪ عورت سان گڏ ويٺل آهي
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص ساڻس بدتميزي ڪري رهيو آهي ۽ پشتو ۽ اردو ٻولي ڳالهائيندي گٿا لفظ ڳالهائي رهيو آهي
وڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص جنهن کي جنرل باجوه ڄاڻائي رهيو آهي اهو کيس جواب ڏيندي چوي ٿو ته آئون آرمي چيف ناهيان، اوهان وڊيو نه ٺاهيو، آئون پوليس کي گهرائيندس
واضح رهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو هم شڪل هڪ ٻيو شخص به آهي جنهن جي اڳ به وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون