اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير کي اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ورتو
اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته علي وزير سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته ان کان اڳ ساڳئي ٿاڻي جي پوليس اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءُ ايمان مزاري کي به گرفتار ڪيو
پوليس موجب ايمان مزاري کي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو، ان کان اڳ شيرين مزاري دعويٰ ڪئي ته عورت پوليس ۽ سادن ڪپڙن ۾ آيل اهلڪار ايمان مزاري کي گهران اغوا اغوا ڪري ويا آهن
شيرين مزاري چيو ته اهلڪار پوري گهر ۾ تلاشي وٺي رهيا هئا، ايمان مزاري پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئي، اهلڪار گهر جون سيڪيورٽي ڪيمرائون، ايمان جو ليپ ٽاپ ۽ فون به کڻي ويا، شيرين مزاري چيو ته گهر ۾ صرف اسان ٻه عورتون رهنديون آهن اسان کي وارنٽ به نه ڏيکاريو ويو