اڳوڻي ايم اين اي علي وزير جي دادو مان گرفتاري ظاهر

اڳوڻي ايم اين اي علي وزير جي دادو مان گرفتاري ظاهر

سکر (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ايم اين اي علي وزير کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، علي وزير جي دادوءَ ۾ گرفتاري ظاهر، جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي عدالت علي وزير کي دادو جيل اماڻي ڇڏيو. درخواستگذار بادشاهه خان وڪيل امداد حيدر سولنگي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. وڪيل امداد حيدر سولنگي مطابق علي وزير اڳوڻو ايم اين اي، انساني حقن جي تنظيم جو اڳواڻ آهي، جنهن کي عدالت ڪيسن مان آزاد ڪيو ويو. چار ڏينهن اڳ ان کي ٻيهر گرفتار بعد گم ڪيو ويو. عدالت ۾ پٽيشن جي ٻڌڻي دوران خبر پئي آهي ته علي وزير مٿان دادو ٿاڻي تي نئون ڪيس ظاهر ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امير علي مهيسر پوليس جي رمانڊ وارڊ استدعا رد ڪندي علي وزير کي ڊسٽرڪٽ جيل دادو منتقل ڪري ڇڏيو آهي.