| اڳوڻي ايٿليٽ قرات العين تي پابندي خلاف جواب طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ اڳوڻي اٿليٽ قرأت العين تي سموري ڄمار پابندي خلاف درخواست تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ، پاڪستان پيڊل فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڌرين کان کان 21 جنوري تائين لکت ۾ جواب به طلب ڪري ورتا، درخواستگذار جي وڪيل نبيل ڪولاچي عدالت کي ٻڌايو ته قرأت العين هڪ سينيئر اٿليٽ رهي آهي ۽ هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، پاڪستان پيڊل فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري به رهي آهي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ذيلي اداري نيٽ بال جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قرأت العين تي هميشه لاءِ پابندي لڳائي، جڏهن ته اهڙو اختيار اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وٽ ناهي، درخواست ۾ چيو ويو ته پابندي جو نوٽيفڪيشن 26 ڊسمبر موڪل واري ڏينهن جاري ڪيو ويو، اها پابندي رڳو قرأت العين تي نه پر پاڪستان پيڊل فيڊريشن جي سموري ڪابينا تي لڳائي وئي آهي. جواب جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي بغير ٻڌڻي جي پابندي لاڳو ڪئي وئي، پابندي واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.