| اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياءُ جو پٽ ڏيهه موٽي آيو |
ڍاڪا (م ڊ) اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم خالده ضياءُ جو پٽ، بنگلاديش نشينلسٽ پارٽي (بي اين پي) جو وقتي چيئرمين ۽ اهم سياسي اڳواڻ طارق رحمان 17 ورهين کان پوءِ واپس بنگلاديش پهچي ويو آهي. طارق رحمان جي واپسي تي هزارين ماڻهو ڍاڪا جي روڊن تي سندس استقبال لاءِ گڏ ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب طارق رحمان جي واپسي کي فيبروري 2026ع جي امڪاني اليڪشن کان اڳ ملڪي سياست جو هڪ وڏو واقعو قرار ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته طارق رحمان 2008ع ۾ 8 مهينا قيد رهڻ کان پوءِ علاج ۽ ٻين سببن جي ڪري برطانيا هليو ويو هو.