اڳوڻي حڪومت جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر اڃا سي ايم هائوس ۾ ويٺا آهن: جي ڊي اي

آڪٽوبر 3, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي، متحده ۽ جي يو آءِ سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر اڃا سي ايم هائوس ۾ ويٺا آهن

صفدر عباسي، فاروق ستار، راشد محمود سومرو ۽ ٻين ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعليٰ هائوس پيپلز سيڪريٽريٽ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ڪاسميٽڪ تبديلي قبول ناهي

سندن چوڻ هو ته  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جيان هيٺئين سطح تي به آفيسر تبديل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ايندڙ عام چونڊون شفاف ۽ منصفاڻيون نه ٿي سگهنديون

ٽنهي اتحادين سڪرنڊ واقعي بابت نگران وڏي وزير جي ڪميٽي کي رد ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي

 اڳواڻن چيو  ته سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڏيرن جو قبضو آهي، اليڪشن تائين ميئر سوڌو سموريون ڪائونسلز معطل ڪيون وڃن

هنن چيو ته  اتفاق ٿيو آهي ته سنڌ جي عوام کي متبادل پليٽ فارم جو نياپو ڏيڻو آهي، قومپرست پارٽين سان به ملاقاتون ڪيون آهن، نواز ليگ سوڌو ٻين پارٽين کي دعوت آهي ته سڀ گڏجي سنڌ جي عوام کي متبادل مهيا ڪريون

Leave A Comment