اڳوڻي دهشتگرد جي آمريڪا آمد، شامي صدر جي اڄ ٽرمپ سان ملاقات

اڳوڻي دهشتگرد جي آمريڪا آمد، شامي صدر جي اڄ ٽرمپ سان ملاقات

واشنگٽن(م ڊ) شام جو صدر احمد الشرع آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات لاءِ آمريڪا پهچي ويو. سومر تي ملاقات دوران، شام ۽ آمريڪي صدر سالن جي خانہ جنگي کان پوءِ شام جي تعمير نو تي بحث ڪندا. ٻئي طرف، احمد الشرع جي آمريڪا ۾ آمد کان اڳ شام داعش جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن شام جي گهرو وزارت جي مطابق سرڪاري فوجن ملڪ جي ڪيترن ئي صوبن ۾ داعش جي جڳهن کي نشانو بڻايو. داعش جي 61 ٺڪاڻن تي ڇاپن جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ ضبط ڪيو ويو آهي.