اڳوڻي صدر علوي کي اڪائونٽ مان 20 لک ڪڍڻ جي اجازت

اڳوڻي صدر علوي کي اڪائونٽ مان 20 لک ڪڍڻ جي اجازت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس 12 ڀاتين جا 6 بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ واري ڪيس ۾کين هڪ اڪائونٽ مان 20 لک رپيا ڪڍڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت اين سي سي آءِ اي کي 21 جنوري تائين مامري جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪلينڪ جي آمدني اڪائونٽ ۾ ايندي آهي جيڪا هو استعمال نٿو ڪري سگهي، خاندان جا 6 اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن، اهي پئسا ڪڍي نٿا سگهن.