اڳوڻي صدر علوي کي بنگلو ڏيڻ بابت سرڪار پاران مهلت طلب

  اڳوڻي صدر علوي کي بنگلو ڏيڻ بابت سرڪار پاران مهلت طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر عارف علوي کي سرڪاري رهائشگاهه جي فراهمي واري درخواست تي سرڪاري وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، سرڪاري وڪيل چيو ته اسان مختلف ادارن کي خط لکيا آهن، جنهن تي عدالت چيو ته توهان ڪهڙي دور ۾ رهو پيا؟ اڄوڪي دور ۾ خط ڪير لکندو آهي؟ واٽس ايپ يا اي ميل ڪريو، عدالت هڪ هفتي جو وقت ڏيندي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر چيو ته ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي صدر جي حيثيت ۾ سرڪاري رهائش جو اهل آهي، کيس باٿ آءِ لينڊ ۾ بنگلو الاٽ ڪيو ويو هو، بعد ۾ وري ٻيو بنگلو الاٽ ڪيو ويو، اهو بنگلو ڪسٽم جي ميمبر شهاب امام جي قبضي ۾ آهي، انهي بنگلي تي عدالت پاران اسٽي به ڏنل آهي.