| اڳوڻي صوبائي وزير سڪندر منڌري جي پٽ جي سياست ۾انٽري |
بدين (رپورٽر) شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي وفادار ساٿي، ضياء الحق جي دور ۾ ڏک سک ۾ گڏ رھندڙ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي پٽ ذڪريا سڪندر منڌرو سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ذڪريا سڪندر منڌرو بدين ۾ ھڪ عوامي ميڙ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته ايم پي اي يا ايم اين اي جي سيٽ عوامي زميواري آھي جنھن وٽ به اھا ذميواري ھجي ته ان کي پوري ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪرڻ گھرجي، اسان جي خاندان ھميشه پيپلز پارٽي سان گڏ رھيو ھاڻي به پيپلز پارٽي مون مٿان اعتماد ڪري منھنجي اباڻي تڪ تي ايم پي اي جي سيٽ ڏني ته پارٽي سان وفاداري سان گڏ بدين جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندس،اھڙو اظھار ھن ڪالھ سندس رھائش گاھ تي بدين جي شھرين واپارين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ پي پي جي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ۾ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ته ھو پاڻ ٻه ڏھايون امريڪا ۾ رھيو آھي ۽ اتي وڌيڪ سڪون جي زندگي گزاري اربين روپيا ڪمائي سگھي ٿو پر دولت گڏ ڪرڻ جي به ھڪ حد ھوندي آھي دولت ڪمائي اتي دفن ٿيڻ بدران پنھنجي ماڻھن سان رھڻ ۾ فطري سڪون آھي. ان کان اڳ پروفيسر نقاش علواڻي پروفيسر طفيل احمد چانڊيو خليفه طارق عزيز ميمڻ عاشق حسين خواجه عبدالرحمان کٽي سينئر صحافين شڪور ميمڻ عبدالمجيد ملاح انيس ميمڻ ملڪ الياس ھارون گوپانگ شفيع محمد جوڻيجو طرفان بدين بس ٽرمينل شروع نه ڪرڻ ڪيڊٽ ڪاليج بدين جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ بدين يونيورسٽي جي قيام ۾ رڪاوٽن سميت ٻين مسئلن جي نشاندھي ڪئي جنھن تي زڪريا سڪندر منڌرو چيو ته ان سلسلي ۾ ھو لاڳاپيل اٿارٽين سان ڳالھائي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ھن موقعي تي وائس چيئرمين ضلع ڪائونسل بدين فدا حسين منڌرو ذوالفقار منڌرو حاجي عبدالستار ميمڻ به موجود ھئا.