اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي گاڏي تي مبينا حملو، جاچ جو مطالبو

اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي گاڏي تي مبينا حملو، جاچ جو مطالبو

سجاول(رپورٽر) سجاول-ٺٽو روڊ تي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانا لغاري جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، ريحانا واقعي مشڪوڪ قرار ڏئي ڇڏيو ۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريحانا لغاري چيو آهي ته هوءَ وڏي حادثي کان ذري تان بچي وئي، واقعي جي نوعيت اڃا تائين واضح ٿي نه سگهي آهي۔ برانچ موري ويجهو پيش آيل هن حادثي بابت چيو ته معاملو شڪي لڳي رهيو آهي۔ حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ريحانا لغاري پنهنجي فيملي سان گڏ سفر ڪري رهي هئي۔ ريحانه لغاري موجب موٽر سائيڪل سوار هوش ۾ نه هو ۽ بظاهر سازش تحت سندن گاڏي کي ٽڪر هنئي وئي هن وڌيڪ چيو ته گاڏي ۾ سندس ڌيءَ سميت ٻيا ٻار به موجود هئا، هن وڌيڪ چيو ته اهو واقعو اتفاقي هو يا ڪنهن منصوبي تحت ٿيو، ان بابت ڪجھ چوڻ اڃان وقت کان اڳ آهي، پر معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي