| اڻ لاڳاپيل ماڻهن وٽ موجود گاڏيون واپس وٺڻ جو حڪم |
ڪراچي: مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر شاهه ڪابينا جي سب-ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي ته مڪاني ادارن ۽ هائوسنگ جون سڀ پراڻيون ۽ تبديل ٿيل گاڏيون ايس اينڊ جي اي ڊي جي جنرل ايڊمنسٽريشن ونگ کي سونپيون وڃن، سمورا کاتا هاڻي نئين گاڏي جي خريداري کان اڳ غير لاڳاپيل ماڻهن جي قبضي هيٺ گاڏين جي رپورٽ ڏيڻ جا پابند هوندا. سب ڪاميٽي ايس اينڊ جي اي ڊي کي اختيار ڏنو ته اها سڀني کاتن کان اڻ لاڳاپيل ماڻهن وٽ موجود گاڏيون واپس وٺي سرڪاري پول ۾ رکي وڃن.