اھڙي اخلاقي غربت سنڌ اڳ ڪڏهن به نه سنڀري

سنڌ غربت، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ حڪمرانن جي نااهليءَ جا زخم ته ڏهاڪن کان سهي رهي آهي، پر اڄ سنڌ جنهن اخلاقي ڏيوالپڻي، بيحسي ۽ درندگيءَ جي دؤر مان گذري رهي آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو. هي رڳو اخلاقي غربت ناهي، پر اها انسانيت کان وانجھيل هڪ اهڙي سماج جي تصوير آهي، جتي احساس مري چڪو آهي، قانون بي جان ٿي ويو آهي ۽ رياست رڳو تماشائي بڻيل آهي. سوا سال جي معصوم نياڻيءَ سان “ڏاڍائي” ڪري کيس بي رحميءَ سان قتل ڪرڻ وارو واقعو ڪنهن هڪ وحشي انسان جو جرم نه، پر هڪ اهڙي سماج جي ناڪامي آهي، جنهن ڏوهارين جي دلين مان قانون جو خوف ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. سوال اهو آهي ته آخر اهڙي وحشي پڻي جي همت ڏوهارين ۾ پيدا ڪيئن ٿي؟ جواب بلڪل سادو آهي؛ جڏهن ڏوهاري سزا کان بچندا رهندا، جڏهن سياسي سفارشون انصاف تي غالب اينديون، جڏهن پوليس طاقتور جي درٻار جي گولي ۽ ٻانھي بڻيل هوندي، تڏهن اهڙي درندگي جنم وٺندي.

سنڌ ۾ لاقانونيت جنھن نھج تي پھتل آھي، ان جو ھڪ مثال اھو آھي ته بدين ضلعي جي وسندي سيراڻي ڀرسان ڀڳڙا ميمڻ ۾ هڪ بااثر وڏيري پنهنجي اوطاق کي عدالت بڻائي ڇڏيو. ٻن ماڻهن کي چوريءَ جي الزام هيٺ ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، انهن جون وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي ڦهلايون ويون. هي ڪهڙي رياست آهي، جتي آئين کان مٿي اوطاق جو حڪم هلي ٿو؟ ڪهڙو قانون آهي، جيڪو بااثرن جي دروازن جي چائنٺ به نٿو ٽپي؟ جيڪڏهن هر وڏيرو پاڻ ئي جج، پوليس ۽ جلاد بڻجي وڃي ته پوءِ عدالتون بند ڪري ڇڏجن ۽ آئين جا ڪتاب ڪٻٽن حوالي ڪري ڇڏجن! ڳالهه صرف ايتري ئي ناھي، حالتون ان کان به گھڻيون سنگين آھن. ٿر مان سامهون آيل وڊيو، جنهن ۾ ماڻهن کي هر ۾ جوٽي بنگلي جو اڱڻ کيڙايو پيو وڃي، ڪنهن فلم جو منظر نه، پر اڄ جي سنڌ جي تلخ حقيقت آهي. هي اهي منظر آهن، جيڪي غلاميءَ جي بدترين دورن جي ياد ڏيارين ٿا. افسوس جو انهن واقعن تي به رياست جي ردعمل ۾ اها سختي نظر نٿي اچي، جيڪا نظر اچڻ گهرجي. خاموشي اصل ۾ ڏوهارين جي همت وڌائي رهي آهي.

سنڌ پوليس جو الميو اهو آهي ته اها عوام جي محافظ گهٽ ۽ سياسي، قبيلائي ۽ جاگيردارانه طاقت جي پروٽوڪول فورس وڌيڪ بڻجي وئي آهي. غريب ماڻهوءَ جي فرياد ٻڌڻ لاءِ وقت ناهي، پر بااثر شخص جي هڪ فون تي سڄو سرڪاري نظام حاضر ٿي وڃي ٿو. جڏهن قانون لاچار ۽ پوليس طاقتور جي ٻانهي بڻجي وڃي، تڏهن ڏوهارين لاءِ کليل ڇوٽ جو پيغام هجي ٿو. سڀ کان وڌيڪ افسوس انهن حڪمرانن تي آهي، جيڪي هر اهڙي واقعي کان پوءِ روايتي بيان جاري ڪري پنهنجو فرض پورو سمجهن ٿا. مذمتن، نوٽيسن ۽ جاچ ڪميٽين جو ڊرامو هاڻي عوام کي ڀنڀلائي نٿو بڻائي سگهي. جيڪڏهن معصوم ٻارڙيون درندگيءَ جو شڪار ٿين، نجي عدالتون لڳن، ماڻهن کي بي لباس ڪري تشدد ڪيو وڃي، وڊيوز ٺاهي ذلت جو تماشو بڻايو وڃي ۽ پوءِ به رياست خاموش رهي، ته اها خاموشي به ڏوهه ۾ شريڪ سمجهي ويندي. دراصل سنڌ جي حڪمرانن حڪمرانيءَ کي عوامي امانت ۽ منصبي ذميواري سمجهڻ بدران ذاتي دلپشوري ۽ اقتدار جي وندر جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. عوام جي بنيادي مسئلن، جهڙوڪ تعليم، صحت، روزگار، امن ۽ صاف پاڻي ڏانهن سندن بيحسي انتهائي افسوسناڪ آهي. چونڊن وقت وڏا واعدا ڪيا وڃن ٿا، پر اقتدار ملندي ئي عوام کي وساري ڇڏجي ٿو. نتيجي ۾ غربت، بيروزگاري، بدامني ۽ مايوسي وڌندي پئي وڃي. حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي ته اقتدار عارضي آهي، پر تاريخ جو فيصلو دائمي هوندو. سنڌ جي ترقي فقط ايماندار، جوابده ۽ عوام دوست قيادت سان ئي ممڪن آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي رياست فيصلو ڪري ته سنڌ آئين موجب هلندي يا اوطاقن جي حڪمن تي؟ پوليس قانون جي محافظ هوندي يا وڏيرن جي ٻانھي؟ عدالتن جا فيصلا هلندا يا قبيلائي طاقت جا؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب عملي صورت ۾ نه ڏنا ويا ته پوءِ هر ايندڙ ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ هوندو. هي سنڌ جي حڪمراني، انصاف، قانون ۽ سماجي ضمير جي مڪمل ناڪاميءَ جي چارج شيٽ آهي.