بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو
ڊسمبر 2, 2023
بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو آهي ته بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي، عمر ايوب پي ٽي آءِ جو بنا مقابلي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا ۽ ياسمين راشد پنجاب جي صدر چونڊجي وئي، بلوچستان مان منير بلوچ ۽ سندس پينل بنا مقابلي چونڊجي ويو، سنڌ مان حليم عادل شيخ تحريڪ انصاف جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازيءَ موجب اڪبر ايس بابر مون سوڌو منهنجي ٽيم سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو، گذريل ڏينهن مان آفيس ۾ پنهنجي ٽيم سميت موجود هئس، اڪبر ايس بابر وڊيو ٺاهي ميڊيا تي جاري ڪئي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ اليڪشن ڪميشن ۾چئلينج ڪنداسين، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بي ضابطگي بابت اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ويندي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد اسان پي ٽي آءِ جو حصو ۽ باني اڳواڻ آهيون، اڄ شام انٽر پارٽي اليڪشن جي سلسلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندس