| بئنڪ بيلنس جو ايس ايم ايس موڪلڻ تي اعتراض، حڪومت جي حمايت، مامرو ڪاميٽي حوالي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر شهادت اعواڻ جي صدارت هيٺ ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير جي لکت جواب ۾ چيو ويو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان ۾ تيار ڪيل 434 گاڏيون برآمد ڪيون ويون۔ ٽن سالن ۾ پاڪستان مان هڪ ارب 41 ڪروڙ 99 لک رپين جي گاڏين جي ايڪسپورٽ ٿي۔ سال 22-2023 ۾ 100 گاڏيون، 23-2024 ۾ 107 گاڏيون ۽ 24-2025 ۾ 227 گاڏيون برآمد ٿيون۔ پاڪستان ۾ اسيمبلڊ گاڏيون 20 ملڪن کي برآمد ڪيون ويون۔ سينيٽ نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي بل 2025 منظور ڪري ورتو. فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير تنوير ٻاهرين ملڪ جي دوري تي هجڻ سبب بل قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو. سينيٽ اجلاس ۾ پرنسپلز آف پاليسي تي عمل درآمد متعلق سال 22/2021 ۽ 23/2022 جون رپورٽس قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيون۔ سينيٽ اجلاس ۾ بينڪ بيليئنس متعلق ايس ايم ايس موڪلڻ تي سينيٽر اسد قاسم ڌيان طلب نوٽيس ۾ چيو ته ايف بي آر طرفان بينڪ بيليئنس وارا ايس ايم ايس موڪلڻ مالياتي رازداري جي ڀڃڪڙي آهي. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ايف بي آر کي قانون مطابق مڪمل اختيار حاصل آهي. بينڪ بئلينس متعلق ايس ايم ايس صرف لاڳاپيل اڪائونٽ هولڊر کي ئي اماڻيو ويندو آهي. اسد قاسم چيو ته ماڻهو ته پنهنجا بينڪ اڪائونٽ پنهنجي گهرواريءَ کان به لڪائيندا آهن. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ايف بي آر پاران ان کي مسيج اماڻيو ويندو آهي جن جي ريٽرن ۽ بينڪ بيلنس ۾ فرق آهي. قانون واري وزير چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ايف بي آر ٽيڪس گذار کان نه پڇي. ٽيڪس چوري هڪ سنگين ڏوهه آهي. ايف بي آر قانون مطابق ڪم ڪري رهيو آهي۔ پريزائيڊنگ آفيسر معاملو ناڻي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو۔ سينيٽ اجلاس ٽرانسفر آف ريلويز ترميمي آرڊيننس قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ضمني ايجنڊا تحت پيش ڪيو۔ جڏهن ته سينيٽ اجلاس ۾ بلوچستان ۾ بجلي ۽ گيس لوڊشيڊنگ متعلق ڌيان طلب نوٽيس تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جا وسيلا سڀني صوبن لاءِ برابر آهن۔ ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي۔ اعلانيه لوڊشيڊنگ جو واضح طريقيڪار موجود آهي۔ لوڊشيڊنگ جو سڌو تعلق لائن لاسز سان آهي۔ ڪنهن صوبي سان ڪو به امتيازي ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي۔ هن چيو ته ايران بارڊر تي تيل اسمگلنگ روڪڻ لاءِ حفاظتي قدم کنيا ويا آهن۔ اهو تاثر غلط آهي ته ايران سان سرحد بند ڪئي وئي آهي۔ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته افغان طالبان کي ڪيترائي ڀيرا سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي روڪڻ جو چيو آهي. دوحه ۽ استنبول جي ڳالهين ۾ پڻ ساڳيو مطالبو ڪيو ويو۔افغان شهري تجارت لاءِ قانون سفري دستاويزن تي پاڪستان اچي سگهن ٿا۔ بعد ۾ سينيٽ جو اجلاس غير معينه مدت تائين ملتوي ڪيو ويو.