| بائونڊرين جي برسات: 9 ڇڪا 17 چوڪا، سمير منهاس انڊر 19 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي |
دبئي (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستاني اوپنر سمير منهاس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري تاريخ لکي ڇڏي. دبئي ۾ ميچ ۾ سمير منهاس ڀارتي بالرن کي ڀرپور ڪٽڪو ڏيندي ڇڪن چوڪن جي برسات ڪري ڇڏي. سمير منهاس 113 بالن تي 172 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، جنهن دوران هن 17 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هنيا. سمير منهاس بائونڊريز ذريعي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستاني انڊر 19 بيٽر بڻجي ويو، هن 172 رنسن جي اننگز ۾ 122 رنسون بائونڊريز لڳائي ٺاهيون. ان کان اڳ بائونڊريز ذريعي سڀ کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ شمائل حسن وٽ هو، جنهن 2023 ۾ سريلنڪا انڊر 19 خلاف 150 رنسن جي اننگز کيڏي هئي، جنهن ۾ 94 رنسون بائونڊريز ذريعي ٺاهيون هيون، شمائل پنهنجي اننگز ۾ 13 چوڪا ۽ 7 ڇڪا هنيا هئا.