بائيڊن ڏچي ۾ پئجي ويو، پارليامينٽ مواخذي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڊسمبر 14, 2023

واشنگٽن ڊي سي (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن پٽ جي ڪري ڏچي ۾ پئجي ويو آهي، آمريڪي پارليامينٽ سندس خلاف مواخذي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

 ان عالمي ميڊيا موجب آمريڪي ايوان جي نمائندن آمريڪي صدر جو بائيڊن خلاف پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن جي ڪاروبار مان فائدو وٺڻ جي الزام هيٺ مواخذي جي جاچ جي باظابطا منظوري ڇڏي ڏئي ڇڏي

 ايوان ۾ ووٽنگ دوران جوبائيڊن جَي مواخذي واري ٺهراءَ جَي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 212 ووٽ پيا

هنٽر بائيڊن ايوان جِي ڪميٽي آڏو بند ڪمري ۾ پيشي کان انڪار ڪندي عوام جَي سامهون پيش ٿيڻ تي زور ڏئي چڪو آهي

 آمريڪي صدر جو بائيڊن ان قدم کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته رِي پبلڪنز ضروري قدمن بدران بي بنياد ڳالهين تي وقت زيان ڪري رهيا آهن

رِي پبلڪن ميمبرز پاڻ تسليم ڪري چڪا آهن ته هنن وٽ ثبوت موجود نه آهن تنهنڪري ايوان جو اِهو قدم بي بنياد آهي

رِي پبلڪنز جو الزام آهي ته هنٽر بائيڊن يوڪرين ۽ چين ۾ ڪاروبار ڪيو ۽ پرڏيهي ڪاروباري شخصيتن کي اُن وقت جَي نائب صدر جوبائيڊن تائين پهچ جِي خاطري ڪرائي

Leave A Comment