بائپر جواءِ ڪراچي کان 6 سئو ڪلوميٽر پري، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ 4 سئو ملي ميٽر برسات جي اڳڪٿي

جُون 11, 2023

ڪراچي (پنهنجي ويب) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت برقرار ، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ 4 سئو ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان ، ڪراچي ۾ به تيز وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان ڪراچي کان 6 سئو ڪلوميٽر پري آهي ۽ ٺٽي کان 5 سئو 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، هوا جي رفتار هڪ سئو 80 ڪلوميٽر کان 2 سئو 20 ڪلومِتر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهي آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته 14 جون تي طوفان اتر طرف وڌندو ۽ 15 جون تي  منجهند ڌاري سنڌ ۽ ڀارتي گجرات کي پار ڪبدو

چيف ميٽرولاجسٽ جو چوڻ آهي ته طوفان جو رخ طئه ٿي چڪو آهي ان جو رخ اولهه ۽ اوڀر ئي رهندو جيڪو 15 جون تي ڪيٽي بندر وٽ ٽڪرائجي سگهي ٿو

هن ٻڌايو ته طوفان سبب ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ 4 سئو ملي ميٽرن تائين برسات پئجي سگهي ٿي، ڪراچي ۾ به تيز هوا سان گڏ هڪ سئو ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي

سردار سرفراز ٻڌايو ته طوفان سبب ٿيندڙ برسات سان حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر به متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي

Leave A Comment