بائپر جوائي ڪراچي کي 800ڪلوميٽر ويجهو:سامونڊي حدن ۾ 144 لاڳو

جُون 10, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان “بائپر جوائي” جو رخ پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي حدن ڏانهن ٿي ويو، ڪراچي کان 800 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پهچي ويو آهي

ان حوالي سان موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان پنهنجو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي سرحدن سان ٽڪرائجي سگهي ٿو،

سندس چوڻ هو ته سامونڊي طوفان ڪراچي کان رڳو هڪ هزار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي، اهو  120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، سامونڊي طوفان سبب ڪراچي سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان پڻ آهي

موسميات کاتي ساموندي طوفان ۾ شدت سبب سامونڊي حدن اندر 144 لاڳو ڪري مڇي جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

موسميات کاتي سبب ڪراچي ۾ تيز هوائن سبب وڏين ۽ ڪمزور عمارتن کي نقصان پهچڻ جو پڻ خدشو آهي

ٻئي طرف ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سامونڊي طوفان  مڪران طرف وڌي سگهي ٿو، انهي ڪري مهاڻا  سومر 12 جون کان کليل سمنڊ ۾ نه وڃن ، هن پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ بلوچستان کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجن تيارين جو جائزو وٺن، سامونڊي پٽي ۾  رهندڙ ماڻهن جي حفاظت يقيني بڻائين، سنڌ ۽ مڪران جي سامونڊي پٽي ۾ 13 ۽ 14 جون جو طوفاني برساتن جو امڪان آهي، لاڳاپيل ادارا تياري ڪن

Leave A Comment