بااثرن وٽ مبينا باندي عورت ۽ 4 ٻار بازياب ڪرائڻ جو حڪم

جُولاءِ 22, 2023

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت مبينا باندي بڻايل عورت کي چئن ٻارن سميت بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي خيرپور ۽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ليٽر جاري ڪيو ويو، عورت کي آزاد ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت ۾فيض آباد ڪالوني جي رهواسي پورهيت پرويز علي شيخ پٽيشن داخل ڪرائي

پورهيت پرويز علي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي آزاد ڪرائڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت پرويز علي جي زال مسمات شاهدان خاتون ۽ سندس ٻارن 13 ورهين جي ڌيءَ عريبه بتول، 11 ورهين جي علي ارسلان، 9 ورهين جي علي جان ۽ 3 ورهين جي ڪشف زهرا شيخ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

عورت ٻارن سوڌو تعلقي سوڀوديرو جي ڳوٺ در محمد ميمڻ جي رهواسي ميمڻ برادري جي بااثر در محمد، فرحان علي، آصف علي ۽ سائٿ علي ميمڻ وٽ مبينا باندي بڻايل ڄاڻائي وئي آهي

Leave A Comment