بااثر زمين تي قبضو ڪيو آهي: گلوڪارا ممتاز ڪنول

بااثر زمين تي قبضو ڪيو آهي: گلوڪارا ممتاز ڪنول

خيرپور(رپورٽر) سنڌ جي مشهور گلوڪارا ممتاز ڪنول چيو آهي ته نظاماڻي محلي ۾ اسان جي 10 ھزار فٽ زمين مان ڪجهه زمين تي بااثر واري ڌر طرفان قبضو ڪيو ويو آهي، جنهن معاملي تان مختلف عدالتن ۾ سول ۽ ڪرمنل ڪيس هلي رهيا آهن، پر بااثر واري ڌر طرفان سوشل ميڊيا تي غلط بياني ڪئي پئي وڃي ته اسان جو انهن سان فيصلي بعد ٺاهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. ممتاز ڪنول چيو ته اسان جو بااثر وارن سان ڪوبه فيصلو يا ٺاهه نه ٿيو آهي نه ئي انهن طرفان رکيل تصويرن ۾ مان يا منهنجو مڙس راحيل ڏهوٽ موجود آهي. ھن چيو ته ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهن ۽ اسان کي ڪورٽن مان ئي انصاف جي اميد آهي، بااثر طرفان فيصلي جون ڪوڙيون خبرون ھلائي ڪا سازش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته آئون هن سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن ته اسان ڪوبه فيصلو يا ٺاهه ناهي ڪيو. ھن مطالبو ڪيو ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.