بااثر ٽول ٺهرائي ڇڏيو، وڏين گاڏين جي آمد، پئسا اوڳاڙي 

بااثر ٽول ٺهرائي ڇڏيو، وڏين گاڏين جي آمد، پئسا اوڳاڙي 

فيض گنج: مهراڻ هاءِ وي تي ٻانڌي وٽان بااثر شخصيت پاران ٽول پلازا تيار ڪري وڏين گاڏين کان ٽول اڳاڙڻ سبب وڏين گاڏين تي پابندي لڳائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.
 

اولاد لاءِ ٽي شاديون ڪندڙ رضا شر جا 3 پٽ فوت !

فيض گنج: اولاد ٿيڻ جي خواهش ۾ غلام رضا شر جون ٻه اڳ ۾ شاديون ڪيون، اولاد نه ٿيڻ ڪري هن اميران شر سان ٽئي شادي ڪئي هئي، جنهن مان ٽن پٽن جو اولاد ٿيو هو، جيڪي ماءُ سميت ٽئي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن، غلام رضا شر رينجرز جو رٽائرڊ اهلڪار آهي.
 مهراڻ هاءِ وي تي وڏين گاڏين تي پابندي: عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو
 فيض گنج: مهراڻ هاءِ وي تي مختلف سياسي سماجي ماڻهن وڪيلن پاران مختلف عدالتن ۾ پنٽيشن داخل ڪري وڏين گاڏين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جا مطالبا ڪندا رهيا آهن، وقتن به وقت ڊي سي خيرپور، ڊي شهيد بنيظير آباد توڙي ايس ايس پيز کي مختلف عدالتن پاران وڏين گاڏين کي بند ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ٿيندا رهيا آهن، پر انهن ته ڪڏهن به عمل نه ٿيو.
 وڏين گاڏين جي آمد سبب روڊ به هنڌان هنڌان اکڙي ويو
 فيض گنج: مهراڻ هاءِ وي تي وڏين گاڏين جي هلڻ بعد روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، روڊ جو ڪم مڪمل نه هجڻ ڪري روڊ اکڙڻ سبب اڪثر روڊ حادثا پيش اچن ٿا.