| بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ، سڊني سڪسرز کي کٽرائي ويو |
ميلبورن (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جي ميچ ۾ بابر اعظم سڊني سڪسرز طرفان ففٽي اسڪور ڪندي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. ميلبورن ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڊني سڪسرز ميلبورن ريني گيڊز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني. سڊني سڪسرز طرفان بابر اعظم 46 بالن تي 58 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 4 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو. ان اننگز کانپوءِ بابر اعظم 2026 ۾ بگ بيش ليگ ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو، جڏهن ته اها بابر اعظم جي هلندڙ بي بي ايل ۾ مجموعي طور ٻي ففٽي آهي.