| بابر اعظم شاهين آفريدي جي پٽ سان ڪرڪيٽ کيڏي: وڊيو وائرل |
لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم ۽ شاهين آفريڊي جي پٽ عاليار جي وچ ۾ ميچ کانپوءِ هڪ خوبصورت لمحو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. ٻئي رانديگر پي ايس ايل ميچ ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا، جتي شاهين آفريڊي جا گهرڀاتي به اسٽيڊيم ۾ موجود هئا ۽ سندن ننڍڙو پٽ عاليار به پنهنجي پيءُ کي سپورٽ ڪرڻ آيو هو. ميچ جي پڄاڻيءَ تي بابر اعظم کي ننڍڙي عاليار آفريڊي سان کيڏندي ڏٺو ويو. عاليار پنهنجي پيءُ وانگر بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بابر کي بال ڪرايو، جنهن تي بابر کلندي پاڻ کي ايل بي ڊبليو آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ان دلڪش منظر ڪرڪيٽ جي شوقينن جا دل کٽي ورتا. سوشل ميڊيا واپرائيندڙن ان وڊيو تي تمام گهڻي پيار جو اظهار ڪيو آهي.