| بابر اعظم عبدالله شفيق جو نالو “ڪتابي” ڇو رکيو؟ بشپ ٻڌائي ڇڏيو |
پورٽ آف اسپين (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم ۽ بيٽر عبدالله شفيق جي شاندار بيٽنگ جي جتي سڀ شوقين تعريف ڪري رهيا آهن، اتي ئي ليجنڊري ويسٽ انڊين پيسر ۽ ڪمينٽيٽر آئن بشپ به دلچسپ تبصرو ڪيو آهي. بابر اعظم ۽ عبدالله شفيق جي شاندار بيٽنگ تي ڪمينٽيٽر آئن بشپ به چپ نه رهي سگهيو ۽ ٻنهي بيٽرن جي ٽيڪنيڪ تي تبصرو ڪيو. ميچ دوران پنهنجي گفتگو ۾ ايان بشپ چيو ته انهن ٻنهي بيٽرن جي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سيالڪوٽ دنيا کي عظيم شاعر ۽ اديب ڏنا، جن ۾ علامه اقبال، پربين شاڪر ۽ فيض احمد فيض شامل آهن. ان ئي مناسبت سان بابر اعظم عبدالله شفيق کي “ڪتابي” جو لقب ڏنو، جيڪو ادب جي وجهه سان نه پر سندس شاندار ۽ نصابي ڪتاب جهڙي بيٽنگ ٽيڪنيڪ جي ڪري آهي. ليجنڊري ويسٽ انڊين پيسر ۽ ڪمينٽيٽر جو اهو تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن تي شائقين رانديگرن جي بيٽنگ سميت آئن بشپ جي معلومات جي به تعريف ڪري رهيا آهن.