بابر اعظم وري ناڪام: چئن سالن دوران 33 ڀيرا بيٽنگ ڪرڻ باوجود سينچري نه ڪري سگهيو

بابر اعظم وري ناڪام: چئن سالن دوران 33 ڀيرا بيٽنگ ڪرڻ باوجود سينچري نه ڪري سگهيو

ٽروبا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سينچري کانسواءِ 33 اننگزون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته سندس ڏهين ٽيسٽ سينچري جو انتظار وڌيڪ ڊگهو ٿي ويو آهي. برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي، ٽروبا ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پهريون ٽيسٽ بابر اعظم جي ڪيريئر جو ڪپتان طور 21 ھين ۽ مجموعي طور 63 هين ٽيسٽ ميچ آهي. پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ ڏهين نمبر تي موجود بابر اعظم هيل تائين 115 ٽيسٽ اننگزين ۾ 9 سينچريون اسڪور ڪيون آهن. بابر اعظم پنهنجي پهرين ٽيسٽ سينچري 32 اننگز کانپوءِ اسڪور ڪئي هئي، جڏهن ته سندس آخري ٽيسٽ سينچري ڊسمبر 2022ع ۾ ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف 161 رنسن جي اننگز هئي. ان کانپوءِ گذريل 42 مهينن دوران بابر اعظم 33 ٽيسٽ اننگزين ۾ وڏي اننگز کيڏي نه سگهيو آهي. ان عرصي دوران هن رڳو 5 ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ مجموعي طور 863 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته رڳو ٻن اننگز ۾ ئي 100 کان وڌيڪ بال کيڏي سگهيو.