| بابر اعظم کي ٽيم مئنيجمينٽ آرام ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو |
ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش جي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زخمي ٿيڻ سبب ٻاهر ٿيندڙ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي صحت بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي انجري سنجيده قسم جي ناهي، هن پريڪٽس سيشنز ۾ ڀرپور حصو ورتو. گذريل ڏينهن پريڪٽس دوران بابر کي کاٻي گوڏي ۾ سور محسوس ٿيو هو، جنهن تي ٽيم مئنيجمينٽ کي آگاهي ڏيڻ کانپوءِ سندس ايم آر آءِ اسڪين ڪيو ويو. حفاظتي سببن جي ڪري بابر اعظم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آرام ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب، بابر اعظم پاڻ آرام جو مطالبو نه ڪيو هو پر ٽيم مئنيجمينٽ کيس آرام ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ دستياب هوندو.