بابر اعظم ۽ شاهين بگ بيش لاءِ آسٽريليا پهچي ويا

بابر اعظم ۽ شاهين بگ بيش لاءِ آسٽريليا پهچي ويا

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ لاءِ قومي ڪرڪيٽرن جي آسٽريليا پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ اسٽار ڪرڪيٽر بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي به بي بي ايل ۾ حصو وٺڻ لاءِ آسٽريليا پهچي ويا آهن.بابر اعظم سڊني سڪسرز ۽ شاهين آفريدي برسبين هيٽ لاءِ کيڏندا. شاداب خان، محمد رضوان ۽ حسن علي به آسٽريليا پهچي چڪا آهن، ليگ بي بي ايل 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي.واضح رهي ته بي بي ايل کيڏندڙ قومي ڪرڪيٽرن کي سريلنڪا خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ چونڊيل هجڻ جي صورت ۾ ليگ ڇڏڻي پوندي.ذريعن موجب، بي بي ايل کيڏندڙ رانديگرن کي مشروط اين او سي جاري ڪئي وئي آهي،