بابر جي سينچري: پشاور فائنل ۾ پهچي وئي، اسلام آباد کي شڪست

بابر جي سينچري: پشاور فائنل ۾ پهچي وئي، اسلام آباد کي شڪست

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي ڪواليفر ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي آسانيءَ سان 70 رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنز ٺاهيون. بابر اعظم 59 بالرن تي 103 رنز ٺاهي نمايان رهيو. اها بابر اعظم جي ٽي-ٽوئنٽي ڪيئر جي 13 هين ۽ پي ايس ايل جي چوٿين سنچري هئي. ان کان علاوه محمد حارث 35، ڪوشال مِينڊس 41 رنز جي اننگز کيڏي جڏهن ته ايرون هارڊي 20 رنز ٺاهيون. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي طرفان شاداب خان 3 ۽ رچرڊ گليسن 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ پشاور زلمي جي 222 رنز جي حدف جي تعاقب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 151 رنز تي ڍير ٿي وئي. سمير منهاس 44 رنز ٺاهي نمايان رهيو. زلمي جي طرفان ايرون هارڊي 3، سفيان مقيم ۽ محمد باسط 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون، اهڙي طرح پشاور زلمي پي ايس ايل 11 جي فائنل ۾ پهچي وئي. پشاور زلمي پنجون ڀيرو پي ايس ايل فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي، جنهن سان زلمي سڀ کان وڌيڪ ڀيرا پي ايس ايل فائنل کيڏندڙ ٽيم بڻجي وئي آهي. ياد رهي ته اڄوڪي ميچ هارائيندڙ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم اڃا ايونٽ مان ٻاهر ناهي ٿي، ان وٽ اڃا هڪ ٻيو موقعو آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم جمعي تي حيدرآباد ڪنگزمين يا ملتان سلطانز مان ڪنهن هڪ جي خلاف ايلِيمينيٽر 2 کيڏندي.