بابر لاءِ ٻيا 2 اعزاز، ٽي 20 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺندڙ فيلڊر

بابر لاءِ ٻيا 2 اعزاز، ٽي 20 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺندڙ فيلڊر

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪيو آهي. بابر اعظم اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کي پوئتي ڇڏي پاڪستان لاءِ بين الاقوامي ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي. بابر اعظم راولپنڊي ۾ سريلنڪا خلاف ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جي فائنل ۾ ڪوشل مينڊس جو ڪيچ وٺي اهو اعزاز حاصل ڪيو. آخري ميچ ۾، بابر اعظم 3 ڪيچ ورتا ۽ شاهد آفريدي کي پوئتي ڇڏيو، بابر پنهنجي ڪيريئر ۾ 170 بين الاقوامي ڪيچ ورتا آهن، آفريدي پنهنجي ڪيريئر ۾ 167 ڪيچ ورتا. فهرست ۾ پهرين نمبر تي اڳوڻو ڪپتان يونس خان آهي، جنهن 281 ڪيچ ورتا. ٻئي نمبر تي اڳوڻو ڪپتان انضمام الحق آهي، جنهن پنهنجي ڪيريئر ۾ 194 ڪيچ ورتا، جڏهن ته شاهد آفريدي ٽئين کان چوٿين نمبر تي اچي ويو. ان کان علاوه بابر اعظم ٽي 20 فارميٽ ۾ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ وٺندڙ فيلڊر بڻجي ويو آهي. بابر اعظم فخر زمان کي پوئتي ڇڏي 60 ڪيچز سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته فخر زمان 57 ڪيچز سان ٻئي ۽ شعيب ملڪ 50 ڪيچز سان ٽئين نمبر تي آهي.