بابر ٻن ٽن سالن لاءِ ڪپتان: عاقب جاويد اشارو ڏئي ڇڏيو

بابر ٻن ٽن سالن لاءِ ڪپتان: عاقب جاويد اشارو ڏئي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته ڪپتان تي به ذميواري آهي، شان مسعود جي قيادت ۾ نتيجا اميدن مطابق نه اچي رهيا هئا. مصباح الحق ۽ اسد شفيق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عاقب جاويد چيو ته شان مسعود جي پنهنجي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي پر سندس قيادت ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي نه هئي، هاڻي اسان هڪ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ٽيم جا نتيجا سٺا اچن، فاسٽ بالرز جي رفتار اسان لاءِ پريشاني جو سبب آهي. عاقب جاويد چيو ته ڪو به ڪرڪيٽ بورڊ يا سليڪشن ڪميٽي نه چاهيندي ته ڪپتان هڪ سيريز لاءِ هجي موقعا مسلسل ڏنا وڃن ۽ اهو موقعو ڪارڪردگي سان ايندو آهي، جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي رهيو آهي ته پوءِ تبديلي جي ضرورت ناهي، اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته جنهن کي به موقعو ملي ته ٻن کان ٽن سالن لاءِ ملي. عاقب جاويد چيو ته بابراعظم ڪڏهن به سليڪشن ڪميٽي کي اهو نه چيو ته جيڪڏهن اهي کيس ٽنهي فارميٽ جو ڪپتان بڻائين ٿا ته هو ٽيسٽ ڪپتاني قبول ڪندو، سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي شيون جعلي آهن ان جي تصديق ڪندا ڪريو.