بابر ۽ فخر ورلڊ ڪپ بعد فوري انجرڊ ؟ جاچ جو اعلان: ٽيم جوڙڻ ۾ ڪپتان ۽ ڪوچ آزاد هجي: سليڪشن ڪميٽي

بابر ۽ فخر ورلڊ ڪپ بعد فوري انجرڊ ؟ جاچ جو اعلان: ٽيم جوڙڻ ۾ ڪپتان ۽ ڪوچ آزاد هجي: سليڪشن ڪميٽي

لاهور (م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪاميٽي جي ميمبر عاقب جاويد چيو آهي ته بابر اعظم انجرڊ آهي ان ڪري اهو بنگلاديش سيريز ۾ شامل ناهي، جڏهن ته فخر زمان به انجرڊ آهي، جاچ ڪرائينداسين ته ڪيئن ٻه اهم رانديگر ورلڊ ڪپ کانپوءِ فوري انجرڊ ٿي ويا. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم مان وڏيون اميدون هيون، پر اسان ان طرح سان پرفارم نه ڪري سگهياسين جيئن ڪرڻ چاهيو هو، هن چيو ته ڀارت سان ڪارڪردگي هيل تائين ٻڙي آهي، ان ۾ سڀ شامل آهن، پر ڀارت جي ميچ الڳ ڪيو باقي اوهان هڪ ميچ هارائي آهي، هن چيو ته هڪ ميچ برسات جي ور چڙهي وئي ۽ سيمي فائنل ٻاهر ٿي ويا، ان تي سڀ چوڻ لڳن ٿا ته سڀ ختم ٿي ويو، هيئن ڪيو، هونئن ڪيو، عاقب جاويد چيو ته بابر اعظم سميت ڪنهن جي ورلڊ ڪپ ۾ وڃڻ يا نه وڃڻ جي حوالي سان گڏجي فيصلو ڪيو هو، بنگلاديش ۾ اسان پهريان ئي سوچي ڇڏيو هو ته نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻو آهي، عاقب جاويد چيو ته بابر اعظم، فخر زمان ۽ سلمان مرزا في الحال کيڏڻ لاءِ فٽ ناهن، ڇا فائنل ۾ پهچي ٿا وڃن ته اهي کيڏڻ لاءِ فٽ هوندا، هن چيو ته اسان کي اميد هئي ته سيمي فائنل ۾ پهچنداسين، پر ايئن نه ٿي سگهيو، اهو طئي آهي ته پليئنگ اليون ڪوچ ۽ ڪپتان جي ذميواري آهي، اسان کي ڪو به شوق ناهي، اسان هتي ويهي 11 رانديگرن جو فيصلو ڪريون، پليئنگ اليون جوڙڻ ۾ منهنجو ڪو به ڪردار ناهي، اها آزادي ڪوچ ۽ ڪپتان کي هجڻ گهرجي، ورلڊ ڪپ ۾ به اهو حق انهن کي هجڻ گهرجي ها، اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا ڪير ڇو نه کيڏيو، عاقب چيو ته اسان هر ايونٽ بعد چوندا آهيون ته جاچ ٿيڻ گهرجي، سڀ تبديل ڪريو، چيئرمين، سليڪٽرز، ڪپتان سڀ هٽايو، 2009ع بعد اسان جي ڊولپمينٽ ان طرح نه ٿي جيئن ٿيڻ گهرجي ها.