باجوا ۽ فيض حميد خلاف درخواستن تي ٻڌڻي: شڪايت ناهي ملي: ڊپٽي اي جي

اپريل 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊپٽي اٽارني جنرل انڪشاف ڪيو ته ايف آءِ اي کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي آِ ايس آءِ چيف ليفيٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد متعلق ڪا درخواست ئي ناھي ملي

 اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر فاروق، رٽائرمينٽ بعد قانوني رڪاوٽ ٽوڙڻ، لاپرواھي ڪرڻ ۽ مختلف معاملن تي غلط بياني جي حوالي سان جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد ۽ ٻن صحافين خلاف داخل ڪيس جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي

 ٻڌڻي دوران درخواستگذار پاران راجا رضوان عباسي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي کي درخواست ڏني وئي آھي ته ھو انڪوائري ڪرڻ جا پابند آھن

عدالت رمارڪس ڏنا ته درخواست ۾ ڪجھه ھوندو ته ھو ڪاروائي ڪندا نه، ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل انڪشاف ڪيو ته ايف آءِ اي کي ان متعلق ڪا درخواست ئي ناھي ملي

 راجا رضوان عباسي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس داخل جي درخواست ڊي جي آفيس ۾ وصول ٿي ھئي، عدالت راجا رضوان عباسي کي ھدايت ڪئي ته اوھان ان متعلق درخواست جي ڪاپي اسان کي فراھم ڪري ڇڏيو، پھريان اھا ڳالھه ناھي ٻڌائي وئي، ھاڻي ٻڌائي وئي آھي ته انھن کي ھڪ موقعو ڏيون ٿا

عدالت درخواستگذار کي ايف آءِ اي کي انڪوائري لاءِ ڏنل درخواست جي ڪاپي رڪارڊ تي رکڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment