باجوڙ ڌماڪي جي وڌيڪ 3 زخمين دم ڏنو، مارجي ويلن جو انگ 46 ٿي ويو، 3 جوابدار گرفتار

جُولاءِ 31, 2023

باجوڙ (پنهنجي ڊيسڪ) باجوڙ ڌماڪي جا وڌيڪ 3 زخمي فوت ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 46 ٿي ويو آهي، زخمي ٿيل 90 کان وڌيڪ ماڻهن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي

جڏهن ته 38 مڙهه سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، 8 لاش سڃاڻپ جوڳا نه هئڻ سبب اسپتال ۾ رکيا ويا، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڌماڪي جا وڌيڪ 3 زخمي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي

گذريل ڏينهن باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪو ٿيو هو  مارجي ويلن ۾ جي يو آءِ ف جو مقامي امير مولانا ضياءُ الله جان ۽ تعلقي جو جنرل سيڪريٽري حميد الله حقاني به شامل آهن

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر نذير خان جو چوڻ آهي ته ڌماڪي بعد 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، آءِ جي ڪي پي اختر حيات خان چيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جيوفينسنگ به ڪئي وئي آهي

وزيراعظم جو فضل الرحمان سان رابطو، آصف زرداري ۽ بلاول پاران به ڌماڪي جي مذمت

هوڏانهن باجوڙ ڌماڪي بعد وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان ۽ وفاقي وزير مولانا اسعد محمود سان فون تي رابطو ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڌماڪي جي جيتري مذمت ڪجي، گهٽ آهي، سياسي پارٽين تي حملن مان واضح آهي ته دشمن پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي خلاف آهن، قوم ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دشمنن جي اهڙن ٽڪساٽن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، حملي جي ذميوارن جو پتو لڳائي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي

، وزيراعظم جي آءِ جي ۽ سيڪريٽري ڪي پي سان فون تي رابطا ڪري زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي

مولانا فضل الرحمان حملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جي يو آءِ سربراهه ڌماڪي جي متاثرن سان افسوس جو اظهار ڪندي ڪارڪنن کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪئي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪندي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو، اڳوڻي صدر آصف زرداري ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سوات جيان سموري ملڪ کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي

Leave A Comment