باجوڙ (پنهنجي ڊيسڪ) باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ دهشتگرد گرفتار، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو
گوادر ۾ به سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ جي علائقي چارمنگ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو، دهشتگردن سان وڙهندي سپاهي محمد شعيب شهيد ٿي ويو
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ واري اطلاع تي سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا، واقعي بعد سڪيورٽي فورسز جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، سرچ آپريشن جاري آهي