باجوڙ ۾ افغان طالبان جو حملو: 4 پاڪستاني شهيد: پاڪ فوج جي افغانستان ۾ وڏي ڪارروائي: 684 فتنته الخوارج مارجي ويا: 919 زخمي

باجوڙ ۾ افغان طالبان جو حملو: 4 پاڪستاني شهيد: پاڪ فوج جي افغانستان ۾ وڏي ڪارروائي: 684 فتنته الخوارج مارجي ويا: 919 زخمي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آپريشن غضب للحق تحت فتنہ الخوارج افغان طالبان خلاف وڏي پئماني تي ڪاروائي، فتنہ الخوارج ۽ افغان طالبان جا 684 ڏوهاري مارجي ويا، 912 زخمي،  252 چوڪيون ۽ 44 چوڪيون پاڪستاني فوج پنهنجي قبضي ۾ وٺي بعد ۾ تباهه ڪري ڇڏيون. جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪاررواين دوران 229 ٽينڪون، بڪتربند گاڏيون ۽ توپون پڻ تباهه ڪيون ويون آهن، افغانستان اندر دهشتگردن ۽ انهن جي جي 73 هنڌ فضائي ڪاررواين ۾ موثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو. 14 ۽ 15 مارچ جي وچ واري رات پاڪستان جي هٿياربند فوجن افغان طالبان ۽ فتنہ الخوارج دهشتگردن جي ٺڪاڻن سميت فوجي هنڌن کي نشانو بڻايو. ڪاررواين دوران قنڌار ۾ هڪ فني سهائتا مرڪز ۽ هٿيارن ۽ سازوسامان جي ذخيرن واري هنڌ کي به تباهه ڪيو ويو. قنڌار ۾ هڪ سرنگ پڻ تباهه ڪئي وئي، جتي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا فني اوزار ۽ سامان رکيو هيو. ڪاراين دوران چترال سيڪٽر ۾ زميني فوج افغانستان جي بديني چوڪي تي قائم دهشتگردن جي لانچ پوائنٽ کي به تباهه ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل وڊيو ۾ واضع ڏيکاريو ويو آهي ته پاڪستان ثابتيءَ سان نه صرف انهن تنصيبات ۽ دهشتگرد ڪيمپن کي نشانو بڻايو، جيڪي افغانستان جي سرزمين تان دهشتگردي جي سڌي يا اڻسڌي مدد ڪري رهيا هئا. ڪنهن به شهري آبادي يا سول ڍانچي کي نشانو نه بڻايو ويو آهي، افغان عبوري حڪومت جي ڪجهه عهديدارن ۽ ميڊيا طرفان ان بابت غلط پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تصديق ڪندي چيو آهي ته آپريشن غضب اللحق ذريعي ڪيل ڪارروائين دوران 684 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 912 زخمي ٿياآهن، افغان طالبان رجيم جون 252 چيڪ پوسٽون پڻ تباهه ڪيون ويون آهن.
 

اسلام آباد:  باجوڙ ۾ افغان طالبان جي حملي ۾4 پاڪستاني شهيد ٿي ويا، معصوم ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان ويڙهاڪن افغانستان مان باجوڙ جي شهري آبادي وارن علائقن سالارزئي. تبسته  ۽ ليٽئي کي نشانو بڻائيندي  مارٽر گولن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 شهري ساجد، اياز، رياض ۽ معاذ شهيد ٿي ويا. جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙي سخت  زخمي پئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ موجب منجهند ساڍي 3 وڳي افغان طالبان سرحد پار کان مارٽر گولن سان فائرنگ ڪئي ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻايو.  هڪ گهر تي مارٽر گولا ڪريا جنهن جي نتيجي ۾ 4 معصوم شهري شهيد ۽ هڪ معصوم ٻارڙي زخمي ٿي پئي. هن چيو ته طالبان رجيم معصوم شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهي آهي