باجوڙ ۾ جي يو آءِ ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪو، 40 ڄڻا مارجي ويا، 150 زخمي

جُولاءِ 30, 2023

باجوڙ (پنهنجي ڊيسڪ) باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام  جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 40ڄڻا مارجي ويا، 150 زخمي ٿي پيا آهن

خار ۾ ڌماڪو جي يو آءِ ورڪرز ڪنوينشن جي اندر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر باجوڙ تصديق ڪئي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ جي يو آءِ خار تعلقي جو امير مولانا ضياءُالله جان به شامل آهي

ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر موجب ڌماڪي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي ٻين اسپتالن ۾ به منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪيترن ئي جي ڳڻتي جوڳي حالت آهي

ڌماڪي ۾ نجي ٽي وي چينل جو ڪيمرامين سميع الله به زخمي ٿي پيو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڌماڪي جي نوعيت جي حوالي سان تفصيل سامهون ناهن آيا

جي يو آءِ مرڪزي اڳواڻ  حافظ حمدالله چيو آهي ته اسان وٽ پهتل اطلاعن موجب 10 کان 12 ورڪرز شهيد ٿيا آهن ۽ درجن کان وڌيڪ زخمي آهن، ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا

حافظ حمدالله چيو ته جيڪڏهن هن کي جهاد چون ٿا ته هي جهاد ناهي هي فساد ۽ دهشتگردي آهي، هي انسانيت تي حملو آهي، پوري باجوڙ ۽ رياست تي حملو آهي

Leave A Comment