باجوڙ ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو،11 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 12 خارجي مارجي ويا، عمارتن کي نقصان

باجوڙ ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو،11 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 12 خارجي مارجي ويا، عمارتن کي نقصان

باجوڙ/راولپنڊي(م ڊ) باجوڙ ۾چيڪ پوسٽ تي ڀارتي پراڪسي دهشتگردن جو حملو،11 اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾  12خارجي به مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب حملي آورن چيڪ پوسٽ جي سڪيورٽي ٽوڙڻ چاهي پر منصوبو فوري طور ناڪام بڻايو ويو، اسان جي بهادر فوجين فرار ٿيندڙ خارجين کي نشانو بڻائي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، حملي آورن ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي، ڌماڪي ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا،رهائشي عمارتن کي به نقصان رسيو، هڪ ٻارڙي شهيد، عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا، ،دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري  رهندو، هوڏانهن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير ۽ ٻين دهشتگردي واقعي جي مذمت ڪندي جاچ جو حڪم ڏيندي فوري رپورٽ گهري ورتي، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته خارجين جو خاتمو آڻي ئي دک جو ساهه کڻنداسين.