باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملو، حفاظتي اهلڪار ۽ واٽهڙو قتل

باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملو، حفاظتي اهلڪار ۽ واٽهڙو قتل

باجوڙ (م ڊ) باجوڙ جي تعلقي سالارزئي جي علائقي تنگي ۾ شرپسندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا. پوليس ٻڌايو ته پوليو ٽيم ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۾ مصروف هئي ته اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ واٽهڙو مارجي ويو، جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف وزيراعظم باجوڙ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم فوت ٿيلن جي مغفرت ۽ سوڳوار خاندانن جي صبر ۽ همت لاءِ دعا ڪئي. هن هدايت ڪئي ته ڏوهارين جي جلد سڃاڻپ ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. وزيراعظم چيو ته قوم کي پوليو جي خاتمي جون اهم خدمتون فراهم ڪندڙ ماڻهن تي حملو انتهائي افسوسناڪ آهي. مهم ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين پوري طاقت سان جاري رهندي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير به واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پوليو ورڪر ۽ انهن جا سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجو قومي فرض ادا ڪري رهيا آهن، قوم انهن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ انهن کي سزا ڏني ويندي.