اڄوڪي دؤر جي جنگ صرف محاذن تي وڙهندڙ سپاهين تائين محدود ناهي رهي، پر اها “سائلنٽ ڪلر” (خاموش قاتل) بڻجي عام شهرين جي رڳن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جڏهن بم ڪرن ٿا، ته اهي صرف عمارتون نٿا ڊاهين، پر اهي ايندڙ نسلن جي صحت، آبي وسيلن ۽ کاڌ خوراڪ جي نظام کي هميشه لاءِ زهر آلود ڪريو ڇڏين. اسين هڪ اهڙي دؤر ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جتي ڪيميائي دونهون ۽ ايٽمي تابڪاري انساني جسم کي هڪ قبرستان ۾ تبديل ڪري رهي آهي. وچ اوڀر، خاص طور تي ايران ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ ٿيندڙ فوجي ويڙهه، پابنديون، ۽ ڪيميائي توڙي صنعتي حادثن هڪ اهڙي “خاموش تباهي” کي جنم ڏنو آهي، جنهن جا اثر بمن جي ڌماڪن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن.
ايران: پابنديون ۽ ماحولياتي دهشتگردي
ايران هن وقت ٻٽي جنگ وڙهي رهيو آهي، هڪ سياسي ۽ ٻئي پاسي ماحولياتي. ايران جي تيل جي تنصيبات ۽ ڪيميڪل پلانٽن تي ٿيندڙ سائبر حملن ۽ ٽارگيٽڊ بمباريءَ خوفناڪ نتيجا ڏنا آهن. The Lancet جي هڪ رپورٽ موجب، ايران جي صنعتي شهرن (خاص ڪري احواز ۽ عسلويه) ۾ هوا جو معيار عالمي معيار کان 10 کان 20 ڀيرا وڌيڪ خراب ٿي چڪو آهي. هتي ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ گذريل پنجن سالن دوران 30% اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جيڪو گذريل مهيني ٻيڻ تي وڌي ويو آهي. پاڻي جا ذخيرا سخت متاثر ٿيا آهن. ايران جا 90% پاڻي جا زير زمين ذخيرا (Underground Aquifers) مڪمل طور تي خشڪ يا زهريلا ٿي چڪا آهن. ماحولياتي ماهرن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تهران ۽ اصفهان ۾ ساليانو 40,000 کان وڌيڪ موت صرف گدلاڻ سبب ٿيا، خوزستان ۾ جنگي ڪيميائي اثرن سبب 1.2 ملين هيڪٽر زمين بنجر بڻجي وئي. عراق-ايران بارڊر تي يورينيم ۽ فاسفورس جي اثر سبب ٻارن ۾ معذوري جي شرح ۾ 15% اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ماحولياتي ماهر ڊاڪٽر ڪاويه مدني جو چوڻ آهي ته “وچ اوڀر ۾ جنگ رڳو بارود تائين محدود ناهي. اسين ‘ماحولياتي اپارٿائيڊ’ جو شڪار آهيون، جتي ايندڙ نسل کي زهر ورثي ۾ ملي رهيو آهي.” برطانوي اخبار دي گارجيئن لکي ٿي ته ايران تي لڳل معاشي پابندين سبب هو جديد “گرين ٽيڪنالاجي” حاصل نٿو ڪري سگهي، جنهن جي ڪري پراڻا ڪيميڪل پلانٽ وڌيڪ زهر خارج ڪري رهيا آهن. اها هڪ اهڙي جنگ آهي، جيڪا بنا گولي جي وڙهي پئي وڃي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ٻڌايو آهي ته کين ايران ۽ عراق جي سرحدي علائقن ۾ “ڊيپليٽيڊ يورينيم” (Depleted Uranium) جا آثار مليا آهن، جيڪي ايٽمي تابڪاري جي هڪ گهٽ شدت واري پر مستقل شڪل آهن.
ڪيميڪل پلانٽن جي تباهي ۽ هائيبرڊ گدلاڻ
جديد جنگين ۾ صنعتي علائقن کي نشانو بڻائڻ هڪ خطرناڪ رجحان بڻجي ويو آهي. جڏهن ڪيميڪل فيڪٽريون باهه جي لپيٽ ۾ اچن ٿيون، ته اتان نڪرندڙ دونهون رڳو ڪاربان ناهي هوندو. امونيا ۽ فاسجين جهڙيون گئسون هوا ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون، جيڪي ساهه جي سرشتي کي تباهه ڪن ٿيون. متاثر علائقن ۾ دم (Asthma)، ڦڦڙن جو ڪينسر ۽ چمڙي جون لاعلاج بيماريون تيزي سان وڌي رهيون آهن. ڪيميائي مادا زميني پاڻي ۾ ملي، پيئڻ جي پاڻي کي زهريلو بڻائي ڇڏين ٿا، جنهن سان گردن ۽ جگر جا مرض عام ٿي ويا آهن.
زراعت جي بربادي ۽ غذائي بحران
جنگ صرف زمين تي قبضو ناهي، اها زمين جي زرخيزي جو قتل پڻ آهي. بمباري، گوليون بارود ۾ موجود شيهو (Lead)، پارو (Mercury) ۽ اينٽيموني کي مٽيء ۾ شامل ڪن ٿيون. هي مادا فصلن جي ذريعي انساني خوراڪ جو حصو بڻجن ٿا. زهريلي دونهين سبب تيزابي برساتون (Acid Rain) پون ٿيون، جيڪي بيٺل فصلن کي ساڙي ڇڏين ٿيون. مٽي ۾ موجود هي زهر ماڻهن جي ڊي اين اي (DNA) کي متاثر ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۾ پيدائشي معذوريون وڌي رهيون آهن. ايران واري جنگ جي ڪري هن وقت لبنان، يمن ۽ شام جي زرعي زمين به تباهه ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪڻ شروع ٿي ويو آهي. جيڪي ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿي رهيون آهي، سي بنا سواد واريون آهن. ڪيميڪل پلانٽن جي باهه مان نڪرندڙ دونهون نائٽروجن ڊاء آڪسائيڊ پيدا ڪري ٿو، جيڪو برسات سان گڏ ملي زمين جي زرخيزي کي مڪمل ختم ڪري ٿو.
ايٽمي تابڪاري: هڪ اڻ ڏٺو عذاب
ايٽمي پلانٽن جي ويجهو وڙهي ويندڙ جنگين سڄي دنيا کي “تابڪاري جي خوف” ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو يا تابڪاري خارج ٿئي ٿي، ته ان جا نتيجا صدين تائين ختم نٿا ٿين. هي تابڪاري سيلز کي اندروني طور ساڙي ڇڏي ٿي. تابڪاري جي اثر هيٺ آيل علائقن ۾ ٿائرائڊ ۽ بلڊ ڪينسر (Leukemia) جي شرح ۾ 400 سيڪڙو تائين اضافو ڏٺو ويو آهي. ايٽمي تابڪاري ۽ ڪيميائي دونهون گڏجي اوزون تهه کي نقصان پهچائين ٿا، جنهن سان سج جون خطرناڪ شعاعون سڌيون انسانن تي پون ٿيون.
ايران جي حساس صنعتي انفراسٽرڪچر، خاص طور تي تيل، گئس ۽ ڪيميڪل پلانٽن تي ٿيندڙ سائبر حملا هاڻي رڳو ڊيٽا جي چوري تائين محدود ناهن رهيا، پر اهي سڌو سنئون “فزيڪل ڊيميج” (جسماني تباهي) ۽ زهريلي مواد جي اخراج جو سبب بڻجي رهيا آهن. 2020 ۾ نطنز نيوڪليئر فيڪلٽي ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ۽ باهه، جنهن جو سبب سائبر تخريبڪاري ٻڌايو ويو- سان يورينيم گئس (UF6) جي اخراج جو خدشو ۽ زير زمين سهولتن کي نقصان پهتو. 2021 ۾ بندر عباس جي ريفائنري جي ڪنٽرول سسٽم تي حملو ٿيو، جنهن سان پائپ لائنن ۾ پريشر وڌي ويو. ان سان وڏي پيماني تي تيل جو اخراج ۽ زهريلو دونهون هوا ۾ پکڙجي ويو. 2022 ۾ خوزستان اسٽيل ڪمپني “پريڊيٽري اسپيڪٽر” نالي گروپ پاران حملو ٿيو، جنهن سان پگهرجندڙ لوهه جو سسٽم خراب ٿيو. ان سان صنعتي گئسن جو اخراج ۽ پلانٽ ۾ باهه لڳڻ سبب آسپاس جي آباديءَ ۾ ساهه جي بيماري جا مسئلا وڌيا. 2023 ۾ اصفهان جي ڪيميڪل پلانٽ تي ڊرون سان گڏ سائيبر سيڪيورٽي کي جام ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نائٽرڪ ايسڊ ۽ ٻين خطرناڪ ڪيميائي مادن جو ليڪيج، جيڪو زميني پاڻي ۾ شامل ٿيو. 2024 ۾ ملڪ گير گئس نيٽ ورڪ تي سائبر حملو ٿيو، جنهن سان ڪيترن ئي هنڌن تي ڌماڪا ٿيا. ۽ هاڻ وري آمريڪا ۽ اسرائيل خطرناڪ بنڪر مار بمن سان پوري ايران تي ڏينهن رات حملا ڪري رهيا آهن، جنهن سان انٽرنيٽ ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران عالمي ميڊيا تي مڪمل بندش جي ڪري اتي صرف مٿين مهيني ٿيل تباهي جي ڪا خبر ئي نه ٿي پئي، پر عالمي توانائي ايجنسي جي عملدارن عالمي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته جيتري تباهي آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ ڪئي آهي، ان جو چوٿون حصو ايران عرب ملڪن ۽ اسرائيل ۾ به ناهي ڪيو. پر اسان کي ايران ۾ ٿيندڙ خاموش موتن تي چپ به ناهي ڪرڻي.ماهرن ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي جيتوڻيڪ ايٽم بم استعمال ناهي ڪيو پر ان جي ليول جا خطرناڪ حملا ڪيا آهن. جن ۾ SCADA سسٽم کي هيڪ ڪري صنعتي ڪنٽرول سسٽم ۾ داخل ٿي، والوز (Valves) کي غلط وقت تي کولڻ يا بند ڪرڻ، جنهن سان پريشر وڌي وڃي ٿو ۽ پائپ ڦاٽي پون ٿا- کي استعمال ڪري رهيا آهن. نيوڪليئر يا ڪيميڪل ري ايڪٽرن جي ڪولنگ سسٽم کي بند ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان گرمي پد وڌڻ ڪري ڪيميائي مادا گئس بڻجي فضا ۾ خارج ٿين ٿا. حملي آور سڀ کان پهريان سيرينا ۽ سيفٽي الارم کي بند ڪن ٿا، ته جيئن ليڪيج جي عملي کي تڏهن خبر پوي جڏهن نقصان حد کان وڌي چڪو هجي. رائيٽر پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ايران جي پيٽروڪيميڪل شعبي تي ٿيندڙ حملا رڳو معاشي نقصان لاءِ نه، پر علائقي ۾ ماحولياتي دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ آهن. ايران جي خليجي پٽي (Persian Gulf) ۾ تيل ۽ ڪيميڪل جي ليڪيج سبب سامونڊي حياتي ختم ٿي رهي آهي، جنهن جا اثر گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت تائين پهچي سگهن ٿا. انهن سائبر حملن جي نتيجي ۾ جيڪو ڪيميائي زهر (مثال طور پولي ڪلورينيٽيڊ بائي فينائلس – PCBs) مٽيءَ ۾ جذب ٿئي ٿو، اهو 20 کان 50 سالن تائين اتي موجود رهي ٿو. ايران جي زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته جن علائقن ۾ اهي ليڪيج ٿيا آهن، اتي پيدا ٿيندڙ فصل هاڻي کائڻ جي لائق ناهن رهيا.وچ اوڀر ۾ ڪيميائي ليڪيج جي ڪري جيڪا ‘سائلنٽ ميوٽيشن’ (Silent Mutation) ٿي رهي آهي، اها ايٽمي هيروشيما کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي زهر هاڻي خوراڪ جي زنجير (Food Chain) ۾ داخل ٿي چڪو آهي. “اسين ايران ۾ اهڙا ٻار ڏسي رهيا آهيون جن جي جينياتي ساخت ۾ اهڙيون تبديليون آيون آهن، جيڪي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺيون ويون هيون. اهو جنگ جو نئون ۽ خوفناڪ چهرو آهي.”
اسان هڪ اهڙي موڙ تي بيٺا آهيون، جتي اسان جو هٿيار اسان جو پنهنجو دشمن بڻجي چڪو آهي. جنگين جا معاشي نقصان ته شايد ڏهاڪن ۾ پورا ٿي وڃن، پر جيڪو زهر اسان جي مٽي، پاڻي ۽ هوا ۾ گهلي چڪو آهي، ان کي صاف ڪرڻ شايد ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ ممڪن نه هوندو. اها رڳو سياسي جنگ ناهي، اها “بائيولاجيڪل خودڪشي” آهي. عالمي ميڊيا جو گڏيل تجزيو اهو آهي ته وچ اوڀر ۾ “فوجي اتحادين” جي مداخلت ۽ ايران جي مزاحمت جي نتيجي ۾ جيڪو ڪيميائي ۽ تابڪاري گند پيدا ٿيو آهي، اهو ڪنهن وڏي ايٽمي ڌماڪي کان گهٽ ناهي. هي علائقو هاڻي رهڻ جي قابل نه پيو رهي، ۽ جيڪڏهن عالمي برادري مداخلت نه ڪئي ته ايندڙ 20 سالن ۾ هتان جي اڌ آبادي موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندي.