بازيابي بعد به ماڻهو ڦاٿل: ڊجيٽل طريقا اختيار: ڌاڙيلن پاران مغوين سان جنسي ڏاڍايون: وڊيوز ٺاهي رقم وٺڻ جو انڪشاف

مَي 30, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ لياقت علي کوسو) سنڌ ۾ ڌاڙيلن ڀنگ وٺڻ ۽ ڀتو اوڳاڙڻ لاءِ ڊجيٽل طريقا اختيار ڪري ورتا آهن، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ گذريل 5 مهينن دوران اڍائي سئو ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

“ پنهنجي ويب” طرفان ورتل ڄاڻ ۾ڇرڪائيندڙ ڳالهيون سامهون آيون آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته ضلعي ۾ 5 مهينن دوران لڳ ڀڳ اڍائي سئو مغوي ڌاڙيلن جي قيد ۾ رهيا جن جي وارثن ڏانهن وڊيو رڪارڊ ڪري اموشنل بليڪ ميل ڪري لکين روپيا ڀنگ ورتو

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ضلعي سميت سنڌ ۽ پنجاب کان اغوا ٿي ضلعي ڪشمور جي ڪچي ۾ مغوين جون رڪارڊنگز ڌاڙيل مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندا رهن ٿا

ڏوهاري مغوين کي مارڪٽ ڪرڻ سميت جنسي ڏاڍائن جا وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکي مغوين جي مائٽن ۾ خوف پکيڙن ٿا

ذريعن موجب ڀنگ وٺي آزاد ڪيلن جو معاملو صرف اتي ئي نه ٿو رڪجي پر جڏهن ڌاڙيلن جي مرضي پوي ٿي ته انهن وڊيوز کي مغوين ڏانهن اماڻي ڀتو به اوڳاڙيندا رهن ٿا جيڪڏهن ڪو ماڻهو موبائل فون نمبر تبديل ڪري ڇڏي ٿو ته ان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي وڃي ٿي جنهن سان ماڻهن م وڌيڪ خوف پيدا ٿئي ٿو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل اهڙي عمل ذريعي پنهنجو وجود قائم رکڻ جو نياپو ڏين ٿا

ان کانسواءِ ڪنڌڪوٽ:شهر جا 9 مغوي هن وقت تائين ڌاڙيلن جي چمنبي ۾ آهن. جن ۾ واجب گولو، مزار گولو، محمد عظيم ميڻڪ، نازيا کوسو،نينگري ڪوثر کوسو ۽ ٻيا شامل آهن

Leave A Comment