باغي دمشق ويجهو پهچي ويا، صدر بشار الاسد جو 24 سالا اقتدار لوڏن ۾، ڀڄڻ جا افواهه رد، 1650 فوجين عراق پناهه وٺي ڇڏي
ڊسمبر 8, 2024
دمشق / واشنگٽن / ماسڪو / تهران / لنڊن/ انقره (م ڊ) شامي باغي دمشق جي ويجهو پهچي ويا، صدر بشار الاسد لاءِ 24 سالن جو اقتدار بچائڻ مسئلو بڻجي ويو، ڪيترن ئي فوجي ۽ سرڪاري آفيسرن عراق ۾ پناهه وٺي ڇڏي، باغين وڌيڪ شهرن تي قبضو ڪري ورتو. هفتي اندر 2 لک 80 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا، بشارالاسد جو عراق ۾ اتحادين سان زميني رابطو خطري ۾ پئجي ويو. ايران پنهنجا فوجي ڪمانڊر ۽ اهلڪار گهرائي ورتا، صدر بشارالاسد جي دمشق ڇڏڻ جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا، صدارتي محل ان بابت ترديد ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽ موجب ام ۾ باغي پنجين شهر درعا تي قبضي کانپوءِ حمص ۾ داخل ٿي ويا، باغين جي وڏي اسپيڊ سان دمشق طرف اڳڀرائي جاري آهي، ڏاکڻين ٽائون صنمين تي به قبضي جي دعويٰ ڪئي وئي. عرب ميڊيا موجب ڪيترائي شامي فوجي ۽ ايران نواز مليشيا جا درجن رضاڪار ڀڄي عراق ۾ داخل ٿي ويا. 1650 شامي فوجي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن عراق ۾ پناهه ورتي آهي. عراقي شهر القائم ۾ ڪيترن ئي زخمي شامي فوجين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. شامي باغي شهرن تي قبضن کانپوءِ صدر بشار الاسد جا پورٽريٽ ڦاڙي ڇڏيا، حماه شهر ۾ بشارالاسد جي والد حافظ االاسد جو مجسمو ڀڃي ڪيرايو ويو. حمص جي حدن ۾ اچڻ کانپوءِ باغين شامي فورسز کي نڪري وڃڻ جي آخري ڪال ڏئي ڇڏي. برطانوي ميڊيا موجب شامي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن اندر ڏکڻ اتر وارن علائقن تي قبضو ڪري وٺنداسين، دمشق جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. ترڪ پرڏيهي وزارت موجب صدر رجب طيب اردگان اميد ظاهر ڪئي آهي ته باغين جي پيش قدمي بغير ڪنهن مشڪل جي جاري رهندي، ادلب حماه ۽ حمص کانپوءِ يقينن هدف دمشق آهي. ترڪ صدر جو چوڻ هو ته شام جي صدر کي ملاقات جي دعوت ڏني هئي پر مثبت جواب نه مليو. آمريڪي اخبار موجب اردن ۽ مصر شامي صدر کي شام ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. روس شامي حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته روسي فوج باغين کي منهن ڏيڻ لاءِ شامي فوج سان گڏجي وڙهي رهي آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته شامي حڪومت ۽ باغين وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. نئين چونڊيل آمريڪي صدر ٽرمپ جو به شام جي صورتحال بابت بيان سامهون اچي ويو، سندس چوڻ آهي ته آمريڪا کي شام جي تڪرار ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي. شام اسان جو دوست ناهي.