| باقراڻي لڳ ابراهيم شاهه جو ميلو، ڪرڪيٽ جو فائنل، ٿڦڙن واري ڪوڏي ڪوڏي جا شاندار مقابلا |
باقراڻي (رپورٽ: لالا برڪت بلوچ) باقراڻي لڳ بزرگ پير سيد ابراهيم شاهه بادشاهه جو ميلو جاري آهي، جهولا، رانديڪن ۽ مٺائي جا اسٽال لڳايا ويا، ميلي ۾ ڪرڪيٽ ۽ ڪوڏي ڪوڏي جي راند جا مقابلا به ٿيا سنڌ جي مختلف شهرن مان عقيدتمند توڙي مريد پهتل آهن. سيد ابراهيم شاھ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. فائنل العباس ڪرڪيٽ ڪلب گنجا تنيو ۽ برسات اليون وچ ۾ ٿيو. برسات اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 12 اوورن تي 106 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. العباس ڪلب هدف حاصل ڪري ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. آرگنائيزر حمزه علي تنيو، ٽعلقا ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ميل ممتاز علي تنيو ۽ ٻين ونر ۽ رنر ٽيمن کي ٽرافي توڙي انعام ڏنا. ميلي ۾ سنڌ جي مشهور قديمي راند ڪوڏي ڪوڏي جي سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. نالي وارن رانديگرن جانب عمراڻي، راڻا رضوان، شيش ناگ، علي جٽ، رياض جٽ، امانت علي، ڪرامت علي، گلبهار پتافي، ممتاز شيخ، پپو راڄپر، رفيق شيخ، منظور ڀٽو ۽ ٻين حصو ورتو. رانديگرن چماٽن جا وسڪارا لاهي هڪ ٻئي جا منهن سڄائي ڇڏيا جنهن تي تماشين ۾ هوڪرا پئجي ويا.
درگاهه جي فقيرن محمد ياسين ميراڻي، حاجي خان خاراني، علي شير خاراني، لعل بخش بروهي، حاجي گلاب خاراني، محمد عالم بروهي، اوشاق هيسباڻي، حاجي خان خاراني، استاد بهادر تنيو ۽ ٻين رانديگرن کي روڪ رقم انعام ۽ تاڙين سان ڀرپور داد ڏنو.