باقراڻي لڳ زمين جي تڪرار تان ڀاٽئين هٿان ننڍ ستل چاچو گوليون هڻي قتل

مارچ 18, 2025

باقراڻي(ن پ ا) باقراڻي لڳ يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلندرآباد ۾  گذريل رات دير سان سڱاوتي ۽ زميني تڪرار تان ڀائيٽن گهر ۾ ننڊ ستل 60 ورھين جي پيرسن چاچي راضي خان ولد سانول خان شر کي پسٽل جون گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي ٿاڻي يونيورسٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي پيرسن جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ، مقتول پيرسن جي لاش کي وارث عورتون چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون پڻ ڪيون، جنهن بعد مقتول پيرسن جو مڙھ جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، ان موقعي تي مقتول پيرسن جي پٽ محمد ملوڪ شر ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي چاچي مستي خان شر ۽ سندس پٽن علي حسن شر ، نثار شر ، نديم شر ، شهزادو شر سان سڱاوتي ۽ زميني تڪرار هلندڙ آهي جن گذريل رات اسان جي گهر تي حملو ڪري منهنجي پيءُ راضي خان شر کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اسان بروقت ئي پوليس کي اطلاع ڏنو، هن چيو ته چاچي ۽ سئوٽن بابا کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي يونيورسٽي پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول راضي خان جو ڀاءُ ۽ ڀائٽن سان سڱاوتي توڙي زميني تڪرار ھلندڙ ھو مقتول ننڊ ۾ ستل ھو ته کيس پسٽل جون گوليون ھڻي قتل ڪيو ، اهڙي اطلاع ملڻ بعد بروقت ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن قتل واري واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري نوٽيس وٺندي ايس ايچ او يونيورسٽي ايٽ آريجا کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري چيو آهي ته اهڙي واقعي جو ايس ايچ او يونيورسٽي انسپيڪٽر احمد علي اوڍو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي جنهن جي رپورٽ موجب واقعو سڱاوتي ۽ زرعي زمين جي تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدار مقتول جا ڀائيٽا آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا مار ٽيمون جوڙي ڇڏيون جن جون ڪاروائيون جاري آهن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر جوابدار پوليس جي پهچڻ کان اڳواٽ ئي فرار ٿي ويا هئا، جنهن بعد پوليس جوابدارن جي گهرن مان سندن ڊور ڪاهي آئي.

Leave A Comment