| باقراڻي ويجهو راڳ رنگ: صوفي فقيرن واهڙ وڄائي ڇڏيا |
باقراڻي (ن. پ. ا) باقراڻي ويجهو راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي فقيرن واهڙ وڄائي ڇڏيا. ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ بزرگ هستي سخي سيد ممتاز علي شاهه جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويو، مختلف علائقن مان آيل مريدن ۽ عقيدتمندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نعت ۽ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ درگاهه جي گادي نشين فقير حبدار علي شيخ، حاجي عنايت شيخ، عبدالمجيد ڪنڀر، لعل بخش ڪلهوڙو ۽ نادر علي سميت ٻين پڻ شرڪت ڪري درگاهه تي حاضري ڀري دعائون گهريون، عرس جي تقريب دوران محفلِ نعت رسول مقبول ﷺ پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نعت خوان مختيار علي ڪنڀر ۽ ٻين نعت خوانن حضور پاڪ ﷺ جي شان ۾ عقيدت جا نذرانا پيش ڪيا بعد ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي، جنهن ۾ صوفي فنڪارن فقير امان الله شيخ، وحيد نواز شيخ ۽ فقير محمد ايوب شيخ پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،صوفي ڪلام تي محفل ۾ ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويو ۽ عقيدتمندن وڏي عقيدت سان شرڪت ڪئي.