باقراڻي ويجهو پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي معصوم ٻارڙو ٻڏي فوت

جُولاءِ 15, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) باقراڻي ويجهو پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي معصوم ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو

 خبر موجب ڳوٺ مڏ فريد آباد ۾ پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي 7 ورهين جو ٻارڙو علي رضا هيسباڻي ٻڏي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارث کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو

 جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻالڪ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو

Leave A Comment