باقراڻي ويجھو پسند شادي تڪرار جو جرڳو: 2 ڀائرن جو خون ثابت: 67 لک ڏنڊ

باقراڻي ويجھو پسند شادي تڪرار جو جرڳو: 2 ڀائرن جو خون ثابت: 67 لک ڏنڊ

باقراڻي (رپورٽ: لالا برڪت بلوچ ) باقراڻي ويجھو انڙ هائوس علي آباد ۾ باڊھ جي  پنهور ۽ گاڏهي ڌرين جي ٻن ڌرين وچ خوني تڪرار جو نبيرو پ پ ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾  پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، فنڪشنل ليگ اڳواڻ معظم خان عباسي، شجاع خان پنھور ، علي ڏنو خان گاڏھي، مفتي نصير ڀٽو، بشير پنهور، ميرگاڏهي سميت ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن ۽ برادري جي جي ماڻهن شرڪت ڪئي، فيصلي جي فتويٰ ٻنهي ڌرين جي مشيرن ۽ شاهدن جي موجودگي ۾ ٻڌائي وئي،  گاڏھي برادري جي مير خان گاڏھي ڌر مٿان پنهور ڌر جي قتل ٿيل ٻن ڀائرن زوهيب پنهور ۽ وزير پنهور جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي ساڍا 67 لک ڏنڊ وڌو ويو، سرپئنچي اڍائي لک اوطاق جا معاف ڪيا ويا، جڏهن ته پنهور ڌر جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گاڏهي ڌر جي نادر گاڏھي جا رکيل 20 لک ڏنڊ واري رقم ڪٽي بقايا ڏنڊ جي رقم 45 لک مقرر ڪئي وئي، جڏھن ته 5 لک بروقت جوابدار ڌر ادا ڪيا، باقي 40 لک ڏنڊ جي رقم ٻن قسطن ۾ ميڙ سان گڏ جوابدار ڌر ادا  ڪرڻ جي پابند هوندي، گاڏهي ڌر پهرين قسط 20 لک رپيا 10 آگسٽ ميڙ سان گڏ ٻي قسط 10 سيپٽمبر ۾ 20 لک ڏيڻ جي پابند هوندي، ياد رهي ته پسند جي جي پرڻي تان ٻه ڀائر زوهيب پنهور ۽ وزير پنهور  قتل ڪيا ويا هئا، باڊھ واسي نوجوان زوهيب پنهور گاڏهي برادري جي ڇوڪري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جتان  گاڏهي ۽ پنهور ڌرين وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو، جنهن بعد ٻه سال اڳ نوجوان زوهيب کي لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيو ويو هو، نوجوان زوهيب پنهور جي ڀاءُ قتل ڪيس جي فريادي وزير پنهور کي پڻ 4 ميهنا اڳ باڊھ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، فتويٰ ٻڌائڻ بعد خير جي دعا گهري وئي.