| باقراڻي ويجھو پوليس آپريشن: 50 لک انعام رکيل ڏوهاري ساٿي جتوئي مارجي ويو، اهلڪار زخمي |
لاڙڪاڻو/ڏوڪري/باقراڻي(نمائندن وٽان) باقراڻي لڳ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ،50 لک انعام رکيل ڏوهاري ساٿي جتوئي مارجي ويو ، هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو. مارجي ويل ڏوهاري شهيد انسپيڪٽر ميرمحمد کوسو جي شھادت واري ڪيس جو مک جوابدار هو. ان ڏس ۾ ڳوٺ محراب پور ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ پوليس اهلڪار شهزاد کرل زخمي ٿي پيو ،اهڙي واقعي جي اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهچي ڏوهاري خلاف ڪارروائي ڪئي. هڪ ڪلاڪ تائين هلندڙ مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان هلندڙ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڏوهاري ساٿي جتوئي مارجي ويو ، مارجي ويل ڏوهاري جو تعلق باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب پور سان آهي، جڏهن ته پوليس مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ڏوڪري اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي وئي ،هوڏانهن ان سلسلي ۾ ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ساٿي جتوئي جي نالي سان ٿي آهي ،جنهن تي 108 سنگين نوعيت جي ڪيس داخل آهن، پوليس کي انتهائي گهربل ۽ 50 لک انعام يافته هو ،جيڪو شهيد انسپيڪٽر مير محمد کوسو جي شهادت واري ڪيس جو مُک جوابدار پڻ هو،هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل علائقي ۾ اڃا تائين پوليس پاران سرچ آپريشن جاري آهي ، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر ٻڌايو ته ڳوٺ محراب پور وٽ بدنام ڏوهاري ساٿي جتوئي ساٿين سان گڏجي ڏوھ ڪرڻ جي ارادي ۾ بيٺل هيو ته پوليس سان مقابلو ٿي پيو،جنهن ۾ پوليس اهلڪار شهزاد کرل زخمي ٿي پيو آهي،اهڙي واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن سب ڊويزن جي ڊي ايس پيز ۽ پوليس نفري ڄاڻايل هنڌ پهچي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن دوران بدنام ڏوهاري ساٿي جتوئي مارجي ويو ، هوڏانهن گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ سندس ٽيم کي ڪامياب ڪارروائي ته شاباس ڏني ، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مارجي ويل بدنام ڏوهاري ساٿي جتوئي ايس ايڇ او جي شهادت ۾ ملوث هو ،سنڌ پوليس کي عوام جي دشمنن خلاف هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، هن چيو ته زخمي اهلڪار شهزاد کرل جي بهادري قابل تحسين آهي، بدنام ڏوهاري جي مارجڻ تي شھرين ۾ اعتماد بحال ٿيو آهي ،صوبائي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پوليس پنهنجي جانين سان کيڏي امن دشمنن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو آهي، ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ نفري وڏي مهارت ڏيکاري آهي.